پانامه ليڪس معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پانامه ليڪس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪنداسين منهنجا سمورا اثاثا ڊڪليئر ۽ منهنجو نالو آهي عدالت مون کي نااهل قرار ڏنو ته به فيصلو تسليم ڪندس سپريم ڪورٽ جي ريمارڪس کان مطمئن آهيان نوازشريف جا ڪاغذ ادارن تبديل ڪيا آهن ڪارروائي ٿيڻ گهرجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجا سمورا اثاثا ڊڪليئر آهن ۽ منهنجي نالي تي آهن لنڊن ۾ فليٽ منهنجي ليگل ملڪيت آهي مان پنهنجي سمورن اثاثن جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏيئي سگهان ٿو نوازشريف جو جنهن ٽي او آرز تي احتساب ٿيو ان تي منهنجو به احتساب ڪيو وڃي پانامه ڪيس ۾ نوازشريف جي خاندان جي ڪمپنين جا انڪشاف ٿيا آهن 2006 ۾ مريم نواز ڪمپني جي مالڪ آهي مريم نواز جي پانامه ڪيس ۾ اربين رپين جي ملڪيت نڪتي حسين نواز تصديق ڪئي آهي آءِ سي آءِ ۾ جن ماڻهن جا نالا آيا آهن انهن سڀني تسليم ڪيو آهي ته آفشور ڪمپنين بابت سڄي دنيا جي ماڻهن جا نالا آيا آهن پانامه ليڪس جو معاملو صرف پاڪستان جو نه پر پوري دنيا جو آهي پانامه ڪيس ۾ شريف خاندان جي اثاثن جو ذڪر آيو آهي ان تي منهنجو اعتراض اهو آهي ته هو پئسو غلط طريقي سان ٻاهر موڪليو آهي سپريم ڪورٽ ۾ صرف ٻه ڳالهيون ثابت ڪرڻيون آهن ته مريم نواز کي نوازشريف جي ڪفالت هيٺ ثابت ڪرڻو آهي هن چيو ته ان ڪيس ۾ ادارن جو به ٽرائيل ٿيندو نيب ايف بي آر ايف آءِ اي ماڻهن جا ڪاغذ تبديل ڪيا آهن. ٻئي طرف نوازشريف جي خاندان جي بيانن ۾ تذات آهي اڃا تائين نوازشريف جي نينگرن جا بيان جمع نه ڪرايا آهن ان جو مطلب ڇا آهي ته معاملي کي ٽارڻ چاهين ٿا هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن طاقور کي اڄ ڏينهن تائين سزا نه ملي آهي اسان جو ڪلچر آهي ته ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ جدا جدا قانون هوندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *