پانامه ليڪس تي احتساب جو مطالبو ڪندڙن جو پنهنجو دامن داغدار آهي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع جي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پانامه ليڪس کان پوءِ احتساب جو مطالبو ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جن جو دامن پاڻ داغدار آهي. آف شور ڪمپنيون ڪنهن به ملڪ جون هجن اهي غلط آهن ته غلط آهن. عمران خان وقت ۽ حالتن سان گڏ آف شور ڪمپنين جي تاريخ بدلائيندو رهي ٿو. هن چيو ته عمران خان شوڪت خانم اسپتال هلائي ۽ ڪنٽينر تي بيهي گاريون به ڏنيون. ان جي رويي سبب ادارو تڪرار جو شڪار ٿيو. خواجه آصف چيو ته آف شور ڪمپني ڪنهن به ملڪ جي هجي جيڪڏهن اها غلط آهي ته غلط آهي ۽ اهو ڪهڙي قسم جو منطق پيش ڪيو پيو وڃي ته پانامه ۾ آف شور ڪمپنيون هجن ته اهي غلط ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هجي ته صحيح آهن هن چيو ته پانامه ليڪس واري معاملي تي حڪومت کي پٿر هڻڻ انهن ماڻهن کنيا آهن جن جو دامن پاڻ داغدار آهي اسان جي معاشري جو الميو آهي ته جنهن جو دامن سڀ کان وڌيڪ داغدار هوندو آهي اهو ئي سڀ کان وڌيڪ الزام هڻندو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سڊيزن فائونڊيشن ۽ ايڌي فائونديشن هلائي رهيا آهن انهن کي سياست سان ڪو لڳاءٌ نه آهي ۽ اهي ڪنهن تڪرار جو شڪار نه ٿيا آهن اوهان شوڪت خانم اسپتال هلائي ۽ ڪنٽينر تي بيهي ڪري گاريون به ڏنيون انهيءَ رويي سبب ادارو تڪرار جو شڪار ٿيو. هن چيو ته شوڪت خانم اسپتال کي ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) به خدمتون پيش ڪيون. هن چيو ته شوڪت خانم کي سڀ کان وڌيڪ نقصان عمران خان پاڻ پهچايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *