پاناما ڪيس انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ آخري حد تائين وينداسين: سراج الحق

تالاش(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ آخري حد تائين وينداسين. ميدان گرڊ اسٽيشن لال قلعي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن جماعت اسلامي ڪرپشن خلاف مهم کان پوئتي نه هٽندي، جماعت اسلامي نواز شريف سميت پاناما ليڪس ۾ سمورن 435 بيورو ڪريٽن، سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن جو احتساب چاهي ٿي، پاناما اسڪينڊل الله جي بي آواز لٺ آهي جيڪا شريف خاندان تي وسي رهي آهي، فيصلي کان پوءِ نواز شريف گهر بدران جيل ويندو تنهن هوندي ان موقعي تي 13 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان آر سي سي پل ريدگي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن وڌيڪ چيو ته شريف خاندان پاناما اسيڪنڊ ۾ خراب طريقي سان ڦاسي پيو آهي ۽ ان کي ملڪ ۾ پناهه جي جاءِ به ناهي ملي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *