پاناما ليڪس: 48 ڪلاڪن اندر ڪميشن جي قيام جو اعلان متوقع، حڪومت شفاف جاچ چاهي ٿي: چوڌري نثار

نيو يارڪ(اي پي پي)  گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته حڪومت پاناما پيپرز جي شفاف جاچ چاهي ٿي ۽ ان مقصد لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ڪميشن جي قيام جو اعلان متوقع آهي. سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ امريڪا جي نمائندن ۽ ايراني حڪومت کي پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي اداري جي آفيسر جي گرفتاري ۽ سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. امريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافين سان گڏيل قومن  جي اداري ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي جي رهائش گاهه تي ڳالهين دوران گهرو وزير پانامه ليڪس بابت سوالن جي جواب ۾ چيو ته  ڪجهه چڙ ڏياريندڙ بيانن سان اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ريٽائرڊ ججن ڪميشن جي سربراهي ۾  آڇ قبول ڪرڻ کان معذرت  ڪري ورتي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۽ ماڻهن طرفان جڊيشل ڪميشن ۽پارليامينٽ کان جاچ جا مختلف مطالبا سامهون آيا، هاڻي ان سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرائي  ٿي آهي جنهن جو  هاڪاري نتيجو نڪرندو. گهرو وزير چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما پيپرز جي انڪشافن بابت سڀ کان اڳ ۾ رد عمل ڏنو ۽ هن پاڻ قوم کي خطاب ۾ جڊيشل ڪميشن جي قيام جي تجويز ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *