پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت سان گڏ آهيون،پر جاچ ٿيڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو)  جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس تي وزيراعظم جو قوم کي خطاب ڪرڻ غلط فيصلو هيو .اتحادي هجڻ جي ڪري هو پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن،پر معاملي جي جاچ به ٿيڻ کپي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ پاناما ليڪس جو طوفان آيل آهي جنهن مان ڪجھ ماڻهو کي سياسي فائدو پهچندو. ان جو چوڻ هو ته جيڪي پاڻ آف شور ڪمپنين جا حصا آهن اهي هن معاملي تي ڌرڻو به ڏيئي رهيا آهن. عمران خان جو قوم کي خطاب هڪ مذاق هيو، تحريڪ انصاف هڪ مذاق ٿي وئي آهي. ڇا قوم هن تي اعتماد ڪندي . هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف کي پاناما ليڪس تي قوم سان خطاب جي بجائي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ کپي ها .حڪومت جو اتحادي هجڻ جي ڪري حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون اهڙن عالمي الزامن جي درست جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *