پاناما ليڪس معاملو: سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس انور ظهير جمالي، پانامه ليڪس واري معاملي تي عدالتي ڪميشن بنائڻ کان معذوري طاهر ڪئي آهي چيف جسٽس چيو ته جيستائين مناسب قانونسازي نٿي ٿئي ۽ جاچ لاءِ تمام ماڻهن ۽ خاندانن گروپن ۽ ڪمپنين جا تفصيل فراهم نٿا ڪيا وڃن سپريم ڪورٽ ان معاملي تي ڪميشن نٿي جوڙي سگهي حڪومت طرفان پاناماه ليڪس واري معاملي جي جاچ لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ طرفان قانون واري وزارت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته محدود دائري سبب جيڪا ڪميشن جوڙي ويندي اها هڪ بي اختيار ڪميشن هوندي ۽ اها بدنامي حاصل ڪرڻ کان سواءِ مفيد ڪم نه ڪري سگهندي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن جي قيام جي حوالي سان حڪومت خط سان گڏ نوٽيفڪيشن ۾ جيڪي ٽرمز آف ريفرنس بيان ڪيا ويا آهن اهي انتهائي وسيع آهن ۽ بظاهر ڪميشن کي پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا. ان جي لاءِ ڪميشن جي قيام جي حوالي سان ڪنهن راءِ ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته تمام ماڻهن، خاندانن گروپن ۽ ڪمپنين جا مڪمل تفصيل فراهم ڪيا وڃن. جنهن خلاف جاچ ڪرڻي آهي. سپريم ڪورٽ جي جوابي خط موجب جيستائين ڄاڻايل معلومات ۽ تفصيل فراهم نٿا ڪيا وڃن ۽ ڪميشن جي قيام لاءِ مناسب قانونسازي ذريعي مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين حڪومتي خط تي حتمي ردعمل نٿو ڏيئي سگهجي. ٻئي طرف قانون واري وزارت جي هڪ اهلڪار موجب چيف جسٽس طرفان لکيل خط جي ڪاپي حڪومتي عهديدارن کي ڏياري ويئي آهي واضح رهي ته حڪومت 22 اپريل 2016 تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي کي پانامه ليڪس جي حوالي سان ٽه رڪني ڪميشن بنائڻ لاءِخط لکيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ڪميشن اف انڪوائري ايڪٽ 1956 تحت ٽه رڪني ڪميشن جوڙي ان جي سربراهي ترجيحي بنيادن تي چيف جسٽس پاڻ ڪري. حڪومت پاران لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته سياسي اثر رسوخ ذريعي قرض معاف ڪرائيندڙن، ڪرپشن، ڪميشن ۽ ڪڪ بيڪ ذريعي پرڏيهي ملڪ فنڊز منتقلي جي حوالي سان معاملن جي جاچ ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *