پاناما ليڪس تي ٻيهر ڊي چوڪ ياد پيو اچي پر ٿي سگهي ٿو هن ڀيري ڊگهو عرصو ڌرڻي جي ضرورت نه پوي:عمران خان

پشاور(م.ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس تي کيس ٻيهر ڊي چوڪ ياد اچي رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هن ڀيري ڊگهي عرصي تان ڌرڻي جي ضرورت نه پوي، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پاناما ليڪس ۾ جيڪي ڪجهه منظرِ عام تي آيو آهي اها ته اڃا شروعات آهي، اڃا ته هڪ ڪروڙ دستاويز سامهون اچڻ باقي آهن، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو سامهون ايندا، جيڪي ڊنل آهن ڇاڪاڻ ته آف شور ڪمپنيون مني لانڊرنگ ۽ ٽئڪس چوري لاءِ ئي ٺاهيون وينديون آهن، هن چيو ته ڀارت ۾ سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس تي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي 25اپريل تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته معصوم شڪل ٺاهي قوم کي دوکو نٿو ڏئي سگهجي، هاڻ نواز شريف کي قوم سان سچ ڳالهائڻو پوندو، اسان اهو معاملو دٻائڻ نه ڏينداسين ۽ اهو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿارينداسين، عمران خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه پوليس سياسي دٻاءُ کان مٿانهي ٿي قانون مطابق ڪارروائي ڪري، جنهن لاءِ سان نئون پوليس ايڪٽ آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته نئين ايڪٽ تحت هيٺئين سطح تائين اداري ۾ احتساب يقيني بڻايو ويندو ۽ پوليس کي مقررين ۽ بدلين ذريعي بليڪ ميل نه ڪري سگهبو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *