پاناما ليڪس بل منظور نه ٿيو ته سڀني سياسي جماعتن کي گڏائينداسين : خورشيد شاهه

لاهور (م.ڊ/اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان سياست کي ٻارن جي راند سمجهي رهيو آهي اڪيلي شو ڪرڻ جي چڪر ۾ پانامه ليڪس جي معاملي تي اپوزيشن جي اتحاد کي نقصان پهچايو اڄ تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي جي وڪيل بابر اعواڻ کي ادهارو وٺي پنهنجو ڪيس وڙهي رهي آهي اسان جو عدالتن جي فيصلن جي حوالي سان ماضي جو وڏو تجربو آهي ان لاءِ اسان پانامه ليڪس جي معاملي تي عدالت ۾ نه وياسين عوام پارليامينٽ اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پوءِ اسان پنهنجي فيصلن لاءِ ٻين ادارن وٽ ڇو وڃون. جنرل راحيل شريف وڏين ڏکين حالتن ۾ فوج جي قيادت ڪئي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ کنيل ان جي قدمن جو تسلسل جاري رهڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ تبديلي اٿيندي ته وڏو نقصان کڻڻو پوندو. آصف علي هن ملڪ جو صدر رهيو آهي هو واپس ڇو نه ايندو اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي خورشيد شاهه چيو ته جهانگير بدر جهڙو سياسي ڪارڪن صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي ان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي هن چيو ته سياست ۾ جلدبازي نه هلندي آهي پر صبر سان اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي آهي عمران خان ڪڏهن به سياست نه ڪئي آهي ان جي ڪري ان کي ڪابه خبر نه آهي ۽ هو ان کي ٻارن جي راند سمجهي ٿو ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد انهن ماڻهن کي به پاڻ سان گڏ ملايو جيڪي ذوالفقارعلي ڀٽو جي خلاف رستن تي نڪتا پر اسان سڀني کي گڏ وٺي هلي ۽ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هن ڀارت جي جارحيت تي چيو ته پاڪ فوج پاران دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي حڪومت کي گهرجي ته ان تي عالمي برادري جي اڳيان آواز بلند ڪري. سياست ۾ تڪڙ ناهي ٿيندي، سياست ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، پاناما ليڪس جي معاملي تي ٽي او آرز ٺاهيا، آل پارٽيز ڪانفرنس ڪئي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاناما ليڪس بل منظور نه ٿيو ته سڀ سياسي جماعتن کي گڏائينداسين، اسان وڏي محنت کان پوءِ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو هو، سيد خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان پاڻ سان پاڻ ڪئي، سياست ۾ تڪڙ ناهي هلندي، عمران خان جي ايڪشن سان نواز شريف طاقت ور ٿي رهيو آهي، عمران خان ان ئي وقت مخالف ڌر کي ٽوڙي ڇڏيو، فيصلو ٿيو ته پاناما بل منظور نه ٿيو ته سڀ سياسي جماعتون گڏجي تحريڪ هلائينديون، پر صبح جو 10 هين وڳي خبر پئي ته عمران خان لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، جنرل راحيل شريف ڏکئي وقت ۾ پاڪ فوج ڪمان سنڀالي، جنرل راحيل شريف کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، 40 سالن جي دوستي آهي خبر ناهي عمران کي چوڌري نثار مس گائيڊ ڪيو جو هو ٻاهر نڪري آيو، عمران خان نواز شريف جو دشمن ناهي، دوستيءَ جو ڪم ڪري رهيو آهي، فوج وڙهي آهي ۽ دهشتگردن کي پوئتي هٽايو آهي، هاڻي ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان پاليسيءَ ۾ بدلاءُ آيو ته وڏو نقصان ٿيندو، خورشيد شاهه موجب اوچتو عمران خان اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان ڪيو، شاهه محمود قريسي سان رابطو ڪيو ته اعلان ڪيئن ڪيوَ ته هن چيو ته کيس به خبر ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *