پاناما فيصلو ” پڳ ڪري پئي پر عزت بچي وئي“ واري ڳالهه آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پاناما جو فيصلو ” پڳ ڪري پئي پر عزت بچي وئي“ واري ڳالهه آهي ڇو ته ملڪ جو وزير اعظم هاڻ ماتحت ادارن جي سامهون پيش ٿيندو. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي  جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊئي ڪيس جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ناهي ٻڌايو بلڪ ڪيس وڌيڪ هلندو. ملڪ جو زير اعظم هاڻ ماتحت ادارن جي سامهون پيش ٿيندو ان ڪري اخلاقي طور تي نواز شريف کي وزير اعظم نه رهڻ گهرجي ۽ ليگي وزير مٺايون ورهائي رهيا آهن جيڪا شرم جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي وزير اعظم تي عدم اعتماد آهي، ٻن ججن جو نااهلي وارو نوٽ لکڻ وزير اعظم جي لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *