پاناماليڪس وڌيڪ 400 پاڪستانين جي آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽن تان پردو کڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) سڄي دنيا سان لاڳاپيل سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جي ڳجهن آف شور اڪائونٽن ۽ ڪمپنين جا تفصيل جاري ڪري طوفان مچائيندڙ پاناماليڪس هڪ ڀيرو وري ٿرٿلو مچائڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ وڌيڪ سوين پاڪستاني سياسي توڙي ڪاروباري شخصيتن جا نالا به شامل آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس(آئي سي آئي جي) پاناما سان لاڳاپيل لا فرم موساڪ فونسيڪا کان مليل ڊيٽا مان  وڌيڪ 2 لک دستاويز 9 مئي تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ دنيا جي 200 ملڪن سان لاڳاپيل انهن ڪمپنين، عوامي ڀلائي جي ادارن، فائونڊيشنز ۽ شخصيتن جا نالا شامل آهن،جن هانگ ڪانگ کان ويندي آمريڪي ٻيٽ نوويڊا تائين 21 مختلف ملڪن ۾ پنهنجا ڳجها اڪئونٽ کولي رکيا آهن، آئي سي آئي جي جي رپورٽ مطابق ايندڙ سال ظاهر ٿيندڙ دستاويز ايترا ته وڏا هوندا جو اڄ کان پهرين ايڏي وڏي پئماني تي ان قسم جا ڳجها دستاويز ڪڏهن به شايع نه ٿيا هوندا، جڏهن ته ڪنهن به ماڻهو جي ذاتي ڊيٽا ۽ بينڪ جي ڄاڻ نه ڏني وپيندي، رپورٽ مطابق ڳجها آف شور اڪائونٽ ۽ ڪمپنيون ٺاهيندڙن ۾ پاڪستان سان لاڳاپيل 400 سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جا نالا به نون دستاويزن ۾ شامل آهن، جن جو تعلق ڪراچي ۽ لاهور سان آهي، واضح هجي ته آئي سي آئي جي ان کان پهرين به 10 لک کان وڌيڪ دستاويز جاري ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *