پارڪ لين ريفرنس: آصف زرداري ۽ انور مجيد سوڌو ٻين تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ آصف زرداري بلاول هائوس ڪراچي مان ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو، جڏهن ته ٻيا جوابدار پڻ ويڊيو لنڪ ذريعي موجود هئا. ٻڌڻي دوران شريڪ جوابدار اقبال خان نوري ريفرنس مان بريت ۽ پنهنجي اصيل سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته جوابدار طحه رضا جي وڪيل به پنهنجي اصيل سان ملاقات جي درخواست ڪئي. طحه رضا جي وڪيل چيو ته منهنجي اصل جو ان ريفرنس ۾ ڪو ڪردار ناهي، فرد جرم کان اڳ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته چارج فريم ٿيندي ته خبر پئجي ويندي، جنهن تي طحه رضا جي وڪيل چيو ته توهان مون سان نه ڳالهايو پر ڪورٽ کي ايڊريس ڪيو. جج چيو ته اسان اڄ چارج فريم ڪري ٿا ڇڏيون ۽ جوابدارن سان ملاقات جي اجازت به ڏيون ٿا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سندس وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهن، اڄ مٿس فرد لاڳو نٿو ڪري سگهجي، جنهن تي جج چيو ته اڄ جي تاريخ طئي هئي، فرد جرم اڄ ئي مڙهيو ويندو، فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجو سهڪاري وڪيل موڪلي پئي سگهيو. جج چيو ته انگريزي ۾ ٻه سادا سوال آهن، توهان ٻڌڻ کانپوءِ جواب ڏيو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته حڪم ۾ لکيو وڃي مٿس وڪيل جي غير موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو پيو وڃي. آصف زرداري چيو ته هن پاڪستان کي 18 هين ترميم ڏني، تنهن ڪري اهي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ائين دٻاءَ ۾ وجهڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. احتساب عدالت جي جج جواب ڏنو ته جوابدار تي سدائين فرد جرم لاڳو ٿيندو آهي، جيڪڏهن وڪيل نه ايندو ته کيس مجبور نٿو ڪري سگهجي. آصف زرداري چيو ته اهو سڀ ڪجهه سياسي بدنامي لاءِ ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري عدالتون پنهنجو فيصلو اڻڌريون ٿي ڏين. جج رمارڪس ۾ چيو ته پهرين سيپٽمبر تي شاهدن کي سڏايو  ويو آهي ته جيئن اڇو ڪارو پڌرو ٿي وڃي. پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب 61 شاهدن جي فهرست پيش ڪئي. احتساب عدالت جي جج اعظم خان، پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري تي فرد جرم پڙهي ٻڌايو. عدالت ڪراچي ۾ پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته آصف زرداري جي صحيح ۽ آڱرين جا نشان موڪليا وڃن. آصف زرداري تي لاڳو فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته توهان صدر پاڪستان جي حيثيت سان اثرانداز ٿي قرض جي رقم فرنٽ ڪمپنين کي جاري ڪرائي، توهان بدنيتي سان پنهنجي فرنٽ ڪمپني پارٿينون کي ڏيڍ ارب رپين جو قرض ڏياريو. فرد جرم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آصف زرداري پارڪ لين ڪمپني جو ڊائريڪٽر هو ۽ هن فراڊ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي، آمدني کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، رقم جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ موڪلي وئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارڪ لين ريفرنس ۾ لاڳو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *