پارليامينٽ ۾ فرينڊلي ميچ کيڏندڙ پ پ اپوزيشن سان ڊبل گيم نھ کيڏي: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ايندڙ سال کي آبادي جي مئنجمينٽ جو سال قرار ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته آبادي ۾ واڌ پاڪستان لاءِ اڀرندڙ وڏي چئلينج جو سبب آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ گهٽ ٿيندڙ وسيلا ٻئي برابر نوعيت جا خطرا آهن، هن چيو ته آبادي ۾ واڌ ۽ وسيلن ۽ آمدني ۾ گهٽتائي پاڪستان لاءِ پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي هن چيو ته آبادي ۾ واڌ جي رفتار جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو جي ڊي پي گروٿ نه هجڻ برابر آهي، جيڪو قومي ترقي کي حقيقت ۾ ناڪاري ڏيکاري رهيو آهي، سياسي تقسيم کان مٿانهون ٿي هن اهم مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته 2022 کي پاپوليشن مئنجمينٽ جو سال قرار ڏنو وڃي ۽ اتفاق راءِ سان پاليسي کي بهتر بڻايو وڃي، آبادي ۾ واڌ سان فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن جو قومي سطح تي احساس ڪرڻو پوندو هن چيو ته پارليامينٽ جي سطح تي ابادي بابت اهم معاملي کي مرڪزي اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي. هن چيو ته جاب سيڪيورٽي، صحت سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، هن معاملي تي لوڪل گورنمينٽ جي سطح تائين مين اسٽريمنگ جي ضرورت آهي.  ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ هائوس ۾ اڳ ۾ ئي فرينڊلي ميچ کيڏي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪڏهن هائوس ٻاهران به فرينڊلي کيڏڻ چاهي ٿي ته ڀلي کيڏي پر اپوزيشن سان ڊبل گيم نه کيڏي. نون ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي فياض چوهاڻ جيان رڳو تفريح جو ئي شوق آهي ته ضرور ميچون کيڏندي رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *