پارليامينٽ قانون سازي جو سڀ کان وڏو ادارو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ)  سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارا ايڪٽ جي خلاف درخواستون ٻڌڻي جوڳيون قرار ڏيندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پارٽي صدر بڻجڻ جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پارليامينٽ قانون سازي جو سڀ کان وڏو ادارو آهي سومر تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ نوازشريف جي پارٽي صدر بڻجڻ جي خلاف داخل عمران خان، سيخ رشيد سميت 13 درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌني شروع ٿي ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم اپيل ڪئي ته عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ قانونسازي جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ اوهان ان جي جوڙيل قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيا آيو اسان کي قانون مطابق هلڻو آهي عدالتن کي ايترو سولو نه وٺو نوٽيس جو ڪيس بڻائينداسين ته نوٽيس به ڪنداسين ٻڌايو ته اهڙن ڪيسن ۾ اڄ تائين عدالتن پارليامينٽ جي جوڙيل قانون کي ڪالعدم ڪيو وڪيل عدالتي فيصلن جا مثال پيش ڪن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون ٺاهڻ لاءِ پارليامان سپريم ادارو آهي اسان پارليمان جي قانون بنائڻ جي اختيار ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون بنيادي حق ۽ عوامي مفاد هڪٻئي سان جڙيل آهن پارليمان جي قانون جو جائزو انهيءَ وقت وٺي سگهجي ٿو جڏهن هو بنيادي حقن سان ٽڪراءُ هجي اسان کي ڪيس ۾ آئيني شڪن سان ٽڪراءُ وارن معاملن کي ڏسڻو آهي شيخ رشيد جي وڪيل فروغ نسيم دليلن ۾ پانامه فيصلي ۾ جسٽس اعجازالحسن جي آبزرويشن جو حوالي ڏيندي چيو ته ايماندار ماڻهن جي مون تي حڪومت منهنجو بنيادي حق آهي آئين جي آرٽيڪل 63-اي ۾ واضح آهي ته ڀارتي سربراهه پارليماني ميمبرن کي ٽڪيٽ جاري ڪندو ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پارٽي سربراهه ئي پارليمان ۾ موجود ميمبرن کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ پارٽي سربراهه جو صادق ۽ امين هجڻ ضروري اهي چيف جسٽس بئريسٽر فروغ نسيم کان پچاڻو ڪيو ته اسان نااهلي جو لفظ استعمال ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺي رهيا آهيون ته ڇا اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا جيڪڏهن ڪنهن شخص جي پارليمينٽ مان ميمبرسپ ختم ٿي وڃي ته گورننس جو حقدار نه آهي اوهان اهو ڪيئن چئي سگهون ٿا ته نااهل شخص جو پارٽي سربراهه بڻجڻ آرٽيڪل 9 جي خلاف ورزي آهي جسٽس اعجازالحسن بئريسٽر فروغ نسيم کان پڇا ڪيو ته پارٽي سربراهه جي سرٽيفڪيٽ تي اسيمبلي ميمبر ڪڍي سگهجي ٿو پارٽي سرباهه جي ئي تحت حاصل اختيارن بابت وڌيڪ ٻڌايو جنهن تي بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته نوازشريف جو پارٽي سربراهه بڻجڻ ان جو ذتي ڪيس آهي پر جيڪو شخص اسيمبلي ميمبر نه بڻجي سگهي پر هو پارٽي ڪنٽرول ڪري ته ايئن اصولن جي خلاف هوندو نوازشريف جو پارٽي سربراهه بڻجڻ باز محمد ڪاڪڙ ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي خلاف ورزي آهي باز محمد ڪاڪڙ ڪيس ۾ عدالتي حڪم کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويئي ٻڌڻي دوران نيشنل پارٽي پاران چونڊ سڌارا ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي ويئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پارليمينٽ قانونسازي جي سپريم باڊي آهي ۽ اوهان چئو ٿا ته پارليمينٽ جي بڻايل قانون کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيون چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ تائين سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي قانونن کي ڪالعدم قرار ڏنو قانون ڪالعدم قرار ڏيندڙ عدالتي فيصلن جا مثال ٻڌايا جنهن تي ايڊووڪيٽ هشمت حبيب چيو ته عدالتي مثال پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گذريل رات شهر کان ٻاهر هيس انهي ڪري تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي جنهن تي جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي آسان نه وٺو ڪيس مقرر هو اوهان کي تياري ڪري اچڻ گهرجي ها بنا تياري جي ڪيس ۾ دليل ڏيڻ وڪيل جو شان نه آهي اسان سختي سان قانون تي عمل ڪرڻو آهي ۽ ڪيس کي اڄ ئي ٻيهر ان جي نمبر تي ٻڌنداسين ٻڌني دوران فروغ نسيم عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سينيٽ ان قانون جي خلاف 52 ووٽن سان قرارداد منطور ڪيو جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا جيڪڏهن ايئن آهي ته پارليامينٽ خود هن قانون کي ڪالعدم قرار نٿي ڏي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته فروغ نسيم صاحب هن قانون جو تاريخي پسمنظر ٻڌايو 2017 ۾ هي قانون سمورين جماعتن جي ووٽن سان پاس ٿيو بئريسٽر فروغ نسيم جي دليل کان پوءِ چيف جسٽس مختصر حڪم لکرائيندي درخواستون ٻڌني جوڳيون قرار ڏئي ٻڌڻي لاءِ منطور ڪري ورتيون ۽ مسلم ليگ جي صدر نوازشريف ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي 23 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *