پارليامينٽ سپريم پر آئين پارليامينٽ کان به سپريم آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م.ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم پر آئين پارليامينٽ کان به سپريم آهي،  چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  سپريم ڪورٽ ۾ ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته اهو آئين عدليه کي پارليامينٽ جي قانونسازي تي نظر ثاني جو حق ڏئي ٿو ۽ چيو پيو وڃي ته عدليه مداخلت پئي ڪري، هن چيو ته  اسان سمجهڻ لاءِ سوال ڪندا آهيون ٽارگيٽ ناهيون ڪندا، هن چيو ته مقننه کي آئين کان هٽي ڪري ڪوئي اختيار حاصل نه آهي، مقننه بنيادي حقن جي خلاف ڪوئي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهي، هن  ناليواري صحافي حامد مير سان مقالمو ڪندي چيو ته عدليه جي لاءِ ليڊر شپ گهڻي مقدم آهي، اسان سمجهڻ جي لاءِ سوال ڪري رهيا هئاسين ته ڪوئي اهڙو شخص پارٽي ليڊر بنڻجي وڃي ته ڇا ٿيندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *