پارليامينٽ حملو ڪيس: صدر عارف علوي اي ٽي سي ۾ پيش، ڇوٽ وٺڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، صدر عارف علوي عدالت ۾ پيش ٿي صدارتي ڇوٽ نه وٺڻ جي درخواست جمع ڪرائي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته مان اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، مونکي آئين ڇوٽ ڏئي ٿو پر اها ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چاهيان، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا، عارف علوي چيو ته 2016ع ۾ مون تي چارج لڳو هو، ان ئي عدالت کان ضمانت ورتي هئي، پوري عدليا کان درخواست آهي ته جلدي فيصلو ٿئي ڇو ته ڪيس ٿيندو آهي ۽ پوءِ نسل اهو ڪيس هلائيندا آهن، منهنجي والد 1977 ۾ ڪيس ڪيو هو، اڄ تائين هلي رهيو آهي، عدالت مان پيشي بعد صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مونکي خبر آهي ته هن ڪيس جو فيصلو لکجي چڪو آهي، مون مٿان الزام هو ته مان هٿيار سپلاءِ ڪيا هئا، مان عدالت ۾ صدر طور نه پر عام شهري طور پيش ٿيس

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *