پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي اجنبي تصور ڪيو ويندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته يمن معاملي تي حڪومتي بريفنگ کان پوءِ خبر پئجي ويندي ته پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي. پارليامنٽ جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته پارليامنٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي اجنبي تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته استعيفائون ڏيڻ کان پوءِ سيٽون پاڻمرادو خالي ٿي وينديون آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته يمن فوج موڪلڻ بابت صورتحال واضح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب آزمائش ۾ پورا لهڻ وارو دوست ملڪ آهن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته يمن معاملي تي سمورين جماعتن جو موقف سامهون اچڻ سان صورتحال واضع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *