پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردگان خطاب ڪندو، سمورا انتظام مڪمل

اسلام آباد (اين اين آءِ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ خميس تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن سان ترڪ صدر رجب طيب اردگان خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽري ان سلسلي ۾ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني آهي اجلاس ڏينهن جو ڏيڍ وڳي ٿيندو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو پارليامينٽ جي اجلاس جي موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هٿياربند فوج جو اڳواڻ به هوندو آئيني ادارن جا اڳواڻ ۽ سفارتڪارن سميت اهم شخصيتن کي دعوت ڏني ويئي آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي يا سينيٽ کان اڃا تائين 18 ملڪن جا اڳواڻ خطاب ڪري چڪا آهن سڀ کان پهريان ايران جي شاهه 15 مارچ 1950 ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو هو 3 جولاءِ 1962 ۾ ايراني شاهه ٻيهر قومي اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ ڪارروائي ڏٺي. فلپائن جي صدر قومي اسيمبلي سان 15 جولاءِ 1962 تي خطاب ڪيو انڊونيشيا جي صدر قومي اسيمبلي سان 26 جون 1963 تي خطاب ڪيو. سريلنڪا جي وزيراعظم 5 سيپٽمبر 1974 ترڪ صدر 15 نومبر 1985 فلسطين جي صدر ياسر عرفات قومي اسيمبلي سان 24 جون 1989 فرانس جي صدر 20 فيبروري 1990 ايران جي اسپيڪر 11 اپريل 1994 ۾ چيني صدر 2 ڊسمبر 1996 ڪوئن الزبٿ ٽو 8 آڪٽوبر 1997 ترڪ وزيراعظم طيب اردگان 26 آڪٽوبر 2009 ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو چين جي وزيراعظم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي 19 نومبر 2010 تي قومي اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب ڪيو هو. چيني صدر 21 اپريل 2015 ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو. ٽئين ۽ چوٿون ترڪ اڳواڻ پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خميس تي 17 نومبر تي خطاب ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *