پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪارروائي سميت اهم فيصلا به ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، شرجيل ميمڻ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آئي جي سنڌ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار به شرڪت ڪئي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان به خاص طور تي اجلاس ۾ شريڪ ٿي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن ۾ وڌيڪ ڪيس موڪلڻ ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت معاملن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ايپڪس جي ذيلي ڪميٽين، انٽيليجنس ۽ ليگل ڪميٽين اجلاس کي بريفنگ ڏني.صوبائي ايپڪس ڪميٽي  جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي سرپرستي ڪندڙن ۽ دهشتگردن کي معاونت فراهم ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڪميٽي ڪراچي ۾ غيرقانوني هٿيار جمع ڪرائڻ لاءِ آخري موقعو ڏيڻ ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ان کان اڳ ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ ڊي جي رينجرز بلاول اڪبر وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريسن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *