پابندي ختم، ماريا شيراپووا ايندڙ مهيني ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي ڪندي

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) روس جي گولڊ گرل ماريا شيراپووا ڊوپٽنگ ڪيس ۾ پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ مهيني ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي ڪندي. رشين اسٽار 26 اپريل تي شيڊيول اسٽيٽ گيٽر وومينز ٽورنامينٽ سان ٻيهر انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪندي. شيراپووا گذريل سال جنوري ۾ ٿيل آسٽريلين اوپن ۾ آخري ڀيرو نظر آئي هئي. مارچ ۾ ڊوپنگ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ مٿس 2 سالن جي پابندي لڳائي وئي هئي. بعد ۾ هن پابندي خلاف اپيل ڪئي هئي ۽ سندس پابندي 9 مهينا گهٽ ڪري 15 مهينن جي ڪئي وئي هئي، جيڪا هلندڙ سال اپريل ۾ ختم ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *