پئٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 9 روپيا في ليٽر گهٽتائي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت پاران پئٽرول 9 روپيا 66 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو. تيل اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ اوگرا حڪومت کي سمري موڪلي ڇڏي. ذريعن مطابق هاءِ آڪٽين جي قيمت ۾ 10 روپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 روپيا 12 پئسا ۽ گاسليٽ چار روپيا في ليٽر سستو ٿيندو ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري پئٽروليم واري وزارت کي منظوري لاءِ موڪلي ڇڏي آهي. اگهن ۾ لاڳ عالمي منڊي۾ اگهه ڪرڻ سبب ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *