پئٽرول بحران: وزير اعظم ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، پيٽرول جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ ۽ بحران پيدا ڪري عوام لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون رابطو بهتر ڪ ۽ پيٽرول فراهمي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پيٽرول بحران بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاڪان عباسي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ پيٽرول جي طلب ۽ رسد واري معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيٽرول بحران ختم ٿي چڪو آهي، معمول موجب پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون رابطو بهتر ڪن ۽ پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي ان حوالي سان ميڊيا ذريعي عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پيٽرول بحران پيدا ڪري عوام لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *