پئٽرول بحران جي ذميوارن کي نه ڇڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پيٽرول بحران جي ذميوارن کي نه ڇڏيو ويندون جيڪڏهن وزيرن سميت ڪوبه  ذميوار هوندو ته اُن کي نه ڇڏيو ويندو. رائيونڊ ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهيءَ موقعي تي پنجاب ۾ هلندڙ پيٽرول بحران ۽ اُن جي جلد کان جلد خاتمي لاءِ هنگامي قدمن تي به غور ڪيوويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت کي پيٽرول تي سخت ڳڻتي آهي. پيٽرول بحران جي ذميوارن کي لاڳاپيل ادارن ۾ رهڻ جو ڪوبه حق ناهي. وزيرن سميت جيڪڏهن ڪوبه اُن جو ذميوار ٿيو ته اُن خلاف ڪارروائي ويندي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ پيٽرول جا لاڳاپيل ادارن جون اختياريون اچي بريفنگ ڏين. پيٽرول جي سپلائي وڌائي اُن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي. ٻئي پاسي وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ پيٽرول جي بحران جو نوٽيس وٺندي پيٽروليم واري سيڪريٽريءَ سميت چئن عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو. سعودي عرب مان واپسي تي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ايئرپورٽ تي هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيٽرول جي کوٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم پيٽروليم واري سيڪريٽري عابد سعيد،ايڊيشنل سيڪريٽري پيٽروليم نعيم ملڪ، ڊي جي آئل محمد اعظم ۽ پي ايس او جي ايم ڊي امجد جنجوعا جي معطلي جا حڪم جاري ڪيا. ميان نواز شريف پيٽروليم وزارت جي اختيارين کي تيل جي صورتحال فوري طور بهتر بڻائڻ ۽ صوبن کي پيٽرول بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو. اجلاس دوران وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پيٽرول جي کپت ۽ رسد جو توازن برقرار رکيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *