ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه دبئي ۾ به جنسي حراسمينٽ جو شڪار

 

ڪراچي(شوبز نيوز) تازو ئي هڪ تقريب جي دوران هراسان جي وڊيو شيئر ڪندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه کي دبئي ۾ اهڙي قسم جي ٻئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.پرڏيهي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ دوران شهرت حاصل ڪندڙ حريم شاهه ٽوئٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ماڻهن نامناسب انداز ۾ کيس گهيري رکيو آهي ان دوران مختلف آوازون به اچي رهيون آهن. حريم  جو ساٿي اسٽار صندل خٽڪ به ان سان گڏ موجود آهي.وڊيو شيئر ڪندي حريم شاهه ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته(مون کي اوورسيز مال جي افتتاحي تقريب ۾ گهرايو ويو هو جتي سوين پاڪستانين ڌڪا ڏيندي گاريون  ڏنيون ۽ مون سان نازيبا حرڪتون ڪيون.حريم شاهه آخر ۾ سوال اٿاريو ته ڇا اوهان پنهنجي عورتن سان به اهڙي طرح جو سلوڪ ڪندا آهيو.؟  ياد رهي ته حريم شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوئٽر تي وڊيو اپ لوڊ ڪئي هئي جنهن ۾ ڪنهن تقريب جي دوران هڪ شخص کيس ٻانهن مان جهلي ٿو ۽ هو ان  کان جهٽڪي سان ٻانهن ڇڏرائي ٿي. حريم شاهه لکيو هو ته ڪهڙا ڪهڙا بيشرم ماڻهو آهن هن دنيا ۾. جنهن کي عورتن جي عزت ڪرڻ به نٿي اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *