ٽي-20 ورلڊ ڪپ جو مشن: پاڪستاني اسڪواڊ جي ٽريننگ شروع، رانديگر ڪاميابي لاءِ پرعزم

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي-20 ورلڊ ڪپ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، 18 رڪني اسڪواڊ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.پي سي بي موجب نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ رانديگرن بيٽنگ، فيلڊنگ ۽ بالنگ شعبن ۾ بهتري لاءِ ٽريننگ ڪئي، جڏهن ته قومي اسڪواڊ 15 آڪٽوبر تي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ گڏيل عرب امارات روانو ٿيندو. ٻئي پاسي پاڪستان جي سينيئر ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کيس ٽريننگ جي اجازت ڏني وئي.واضح رهي ته صهيب مقصود جي جاءِ تي شعيب ملڪ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان ۽ شعيب ملڪ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان هن ڀيري ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکاري ۽ پهرين ئي ميچ ۾ حريف انڊيا کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *