ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022 جي پاڪ – ڀارت مقابلي جون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي وڪرو

دبئي (اسپورٽس نيوز) هلندڙ سال آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ روايتي مخالفن پاڪ – ڀارت مقابلي جون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي کپي ويون.روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022 جي ميچ 23 آڪٽوبر تي ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.ميڊيا رپورٽن موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مقابلي جون ٽڪيٽون اڄ صبح ساڍي 6 وڳي کان ساڍي 11 وڳي تائين کپي ويون.پوءِ آءِ سي سي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي ٻڌايو ويو ته پاڪ – ڀارت مقابلي جون ميچون کپي ويون آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ڪرڪيٽ شوقينن پاڪ – ڀارت مقابلي جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائي هئي ۽ ايونٽ جون 2 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون ايڊوانس بڪنگ تي وڪرو ٿيون.ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هڪ لک تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي ۽ اهو ئي خاص ڪارڻ آهي، جيڪو ان اسٽيڊيم کي دنيا جي ٻين ميدانن سامهون منفرد بڻائي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *