ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت فائنل ٿئي ته خوشي ٿيندي: ثقلين مشتاق

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ميچ لاءِ  ٽيم ڪامبينيشن ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون سڀاڻي آمهون سامهون ٿينديون.ان سلسلي ۾ ثقلين مشتاق ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستاني ٽيم سٺي شروعات ڪئي آهي ۽ اسان پراعتماد آهيون، اسان جو مقصد ڪليئر آهي، جنهن لاءِ سڀ محنت ڪري رهيا آهيون ۽ متحد به آهيون.هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ گهٽ وڌ ٿي ويندي آهي، افغانستان ٽيم لاءِ اسپنر وڏا اهم آهن، انهن جا اسپنر تمام سٺا آهن، اسپنرن خلاف اسان کي پنهنجي پلان موجب کيڏڻو آهي.سندس موجب ڀارت خلاف ميچ دوران جيئن ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هڪٻئي سان مليا، اهو زبردست هو، دنيا ڏٺو ته اسان رڳو ڪرڪيٽر آهيون ۽ اسان جا پاڻ ۾ ڪهڙا لاڳاپا آهن، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت فائنل ٿئي ته خوشي ٿيندي، ٻنهي ٽيمن کي هڪ ٻي ميچ کيڏڻ لاءِ به ملندي.افغانستان خلاف ميچ ۾ ٽيم ڪامبينيشن جي حوالي سان ثقلين مشتاق چيو ته ٽيم ڪامبينيشن نه ٻڌائيندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *