ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال بلند آهي :پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 16 ميمبرن تي ٻڌل ٽيم جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪاميابي سان ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ ٽيم بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري هاڪاري نتيجا حاصل ڪندي. زمبابوي ٽيم جي ڪپتان ايلٽن چگمبورا چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۾ مايوس ڪارڪردگي رهي پر ون ڊي جا نتيجا مختلف هوندا، پاڪستان ۾ راند کيڏي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. پاڪستاني ٽيم ڪپتان اظهر علي چيو ته ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي. ٽي ٽوئنٽي کان پوءِ ون ڊي جو سموريو ميچون کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن ون ڊي سيريز جي ٽرافي جو مهورت ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *