ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بدترين مات کانپوءِ اڳوڻن رانديگرن جي ٽيم انتظاميا تي ڇتي تنقيد 

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بدترين مات کانپوءِ اڳوڻن رانديگرن ۽ ڪپتانن پاران ٽي ٽوئنٽي ڪپتان،بورڊ انتظاميا ۽ ٽيم مينجيمنٽ تي تنقيد جا تير وسائي ڏنا.رپورٽ مطابق رميز راجا جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ جيڪڏهن 3،4 وڪيٽون ڪري وڃن ته پوءِ ميچ جو ماحول ئي مٽجي ٿو وڃي.جڏهن ته جاويد ميانداد جو چوڻ آهي ته ويلنگٽن ۾ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان وڏين غلدطين سبب ميچ هارائي،ڪا به حڪمت عملي ۽ ٽيم ورڪ نظر نه پئي آيو،سڀئي جلدي ڪندا رهيا.سندس چوڻ هو ته شاهد آفريدي کي مٿئين نمبر تي اچڻو هو،جڏهن ڪپتان ڪريز تي آيو ته ميچ هٿن مان نڪري وئي هئي.عامر سهيل چيو ته پلاننگ بهتر نه هجڻ سبب ٽيم تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه ڪندي.سندس چوڻ آهي ته سدائين ڪيويز خلاف پاڪستان کي فيورٽ قرار ڏنو آهي، پر پاڪستاني شاهينن جا پر خبر ناهي الهائي ڪير ٿو ڪٽي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *