ٽي ٽوئنٽي سيريز: سرفراز جي واپسي جو امڪان

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنتي ميچز 24، 25 ۽ 27 جنوري تي کيڏيون وينديون، سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جي شروعاتي مشاورت شروع ٿي وئي آهي، جنهن ۾ چيف سليڪٽر مصباح الحق ساٿي سليڪٽرن ۽ ڪپتان بابر اعظم سان مشاورت ڪندو.پاڪستان ٽيم آخري ٽي ٽوئنٽي سيريز آسٽريليا ۾ کيڏي هئي، جنهن ۾ شڪست کائڻي پئي، جنهن کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. آصف علي، محمد عرفان ۽ حارث سهيل کي اسڪواڊ ۾ برقرار رکڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، شاهين آفريدي جي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿيندي، جڏهن ته لاهور قلندرز جي حارث رئوف کي به کيڏائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. حارث رئوف بي بي ايل ۾ ميلبرن اسٽارز طرفان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، بالنگ ڪوچ وقار يونس حارث سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ لاءِ غور هيٺ آهي، ڇاڪاڻ ته فٽنيس ٽيسٽ ۾ به ڪوچن کي متاثر ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *