ٽي ٽوئنٽي جي وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون

ڪولڪتا (شوبز نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ٽي-20 ڪپ ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ وارم اپ ميچ اڄ ايڊن گارڊنز ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته گرين شرٽس واحد وارم اپ ميچ ۾  سڀاڻي سومر تي سريلنڪا سان زور آزمائيندي. ورلڊ ڪپ ٽي-20 جي سپر ٽين مرحلي جي شروعات 15 مارچ کان ٿي رهي آهي، سريلنڪا جي ٽيم ٽائٽل جو بچاءُ ڪندي، ايونٽ ۾ اڄ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ وارم اپ ميچ ايڊن گارڊنز ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين وارم اپ ميچ سڀاڻي سومر تي سري لنڪا خلاف کيڏندي، ان سلسلي ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايڊنز گارڊن جيميدان ۾ پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، قومي ٽيم سخت سيڪيورٽي ۾ ڪولڪتا جي ميدان ۾ پهتي، جتي رانديگرن پهرين ته ورزش ڪئي، ان کانپوءِ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ پنهنجون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ پريڪٽس ڪئي وئي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *