ٽي وي تي سفر وارو شو ڪري انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿي: تبو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا تبو ٽي وي اسڪرين تي سفر وارو شو ڪرڻ چاهي ٿي. ڀارتي ميڊيا مطابق تبو ۽ اجي ديوگن جي نئين رليز ٿيل فلم گول مال اگين سپرهٽ ثابت ٿي آهي پر هاڻي اداڪارا ٽي وي جو رخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان تبو چيو آهي ته مون کي مختلف ريئلٽي شوز جون آڇون ٿيون آهن پر اهي مون کي بهتر نه لڳا، آئون سفر وارو شو ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن مختلف ملڪ گهمي انجواءِ ڪري سگهان، مون کي سفر ڪرڻ تمام سٺو لڳندو آهي، انهي ڪري ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ اتر آفريڪا سميت مختلف جايون ڏسڻ چاهيان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ريئلٽي شو جي ميزبان ٿيڻ بدران جج ٿيڻ پسند ڪنديس، جيئن سٺا ڪپڙا پائي ماڻهن کي پرفارمنس ڪندي ڏسي سگهان، مون کي ڊانس پسند آهي. ياد رهي ته تبو اجي ديوگن ۽ ٻين ڪيترن ئي اداڪارن سان گڏ بهترين فلمون ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *