ٽي وي انڊسٽري ڀارتي توڙي عربي ڊرامن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي: صبا قمر

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل صبا قمر چيو آهي ته نوجوان فنڪارن ٽي وي ڊرامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي، جنهن سبب اسان جي ٽي وي انڊسٽري ڀارتي توڙي عربي ڊرامن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ خوبصورت اداڪارا صبا قمر جو چوڻ هو ته ملڪي ٽي وي انڊسٽريءَ ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي، جنهن لاءِ نوان موضوع ۽ جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته مان پنهنجي فني ڪيريئر دوران هر قسم جا ڪردار سٺي طريقي سان نڀايا آهن پر خواهش آهي ته ڪو اهڙو ڪردار نڀايان، جنهن کي ماڻهو سدائين ياد رکن.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *