ٽي شرٽ ۽ پاجامي ۾ گهرايو وڃي ته هر دعوت تي وينديس: صبا قمر

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا صبا قمر شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي سٺن دوستن سان نه ملڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر ٻڌايو ته تيار ٿيڻ ۾ مون کي ڏکيائي ٿيندي آهي، جيئن ته مون کي ميڪ اپ ڪرڻ، تيار ٿيڻ ۽ روايتي لباس پهرڻ پسند ناهي، ان ڪري شوبز انڊسٽري ۾ موجود دوستن طرفان مليل دعوتن ۽ تقريبن ۾ ناهيان ويندي.هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته اڄ دعوت تي ضرور وينديس پر جڏهن الماڙي ۾ ليئو پائيندي آهيان ته ڪجهه به پائڻ جهڙو نظر ناهي ايندو.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مون کي ڪو پنهنجي دعوت ۾ ٽي شرٽ ۽ پاجامي ۾ گهرائي ته مان هر دعوت تي وينديس.صبا قمر وڌيڪ چيو ته مان اڪيلائي پسند آهيان ۽ پاڻ سان ئي خوش رهندي آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *