ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ فاروق ايڇ نائيڪ کي ملي وئي، پ پ سينيٽ چونڊ لاءِ نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪرچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ سينيٽ چونڊن لاءِ 12 اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي، راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته امين فهيم ملڪ کان ٻاهر هئڻ باوجود فيصلن ۾ شامل رهيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽ چونڊن لاءِ حتمي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي. راجا پرويز شرف چيو ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ فاروق ايڇ نائيڪ کي ٽڪيٽ ڏني وئي جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي سسئي پليجو کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته جنرل سيٽن تي رحمان ملڪ، اسلام الدين شيخ، سليم مانڊوالا، گيانچند ايسراڻي ۽ عبداللطيف انصاري پ پ جا اميدوار هوندا. راجا پرويز اشرف چيو ته خيبر پختون خواهه مان نور عالم خان ۽ خانزده خان اميدوار نامزد ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته خيبر پختون خواهه مان ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي همايون خان کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. راجا پرويز اشرف موجب پنجاب مان نديم افضل چــَن ۽ اسلام آباد ۾ جنرل سيٽ تي نرگس فيض ملڪ اميدوار طور شامل آهي. پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته مخدوم امين فهيم ملڪ کان ٻاهر آهي پر فيصلن ۾ شامل آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن. راجا پرويز اشرف چيو ته هـُو هارس ٽريڊنگ تي يقين نه ٿا رکن، سڀني پارٽين لاءِ ڳالهين جا دروازا کــُليل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *