ٽيڪسون وڌائڻ سان ڪڪڙ جو گوشت به مهانگو ٿي ويندو : سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق پولٽري تي لڳايل نئين ۽ پراڻي ٽيڪس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪسون وڌائڻ سان ڪڪڙ جي گوشت جون قيمتون به وڌي وينديون، جنهن سان ڪڪڙ جو گوشت عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويندو، هن چيو ته ٻڪر ۽ ڳئون جي گوشت جون قيمتون هاڻي ايتريون وڌي ويون آهن جو ڪو غريب گوشت کائڻ بابت سوچي به نٿو سگهي، ڪڪڙ جو گوشت سستو ٿيڻ سان عام ماڻهو جي پهچ ۾ هو، ماڻهو مهمانن جي اچڻ تي سبزي يا دال ۾ ڪڪڙ وجهي پنهنجي سفيد پوشي جو ڀرم رکندا هئا پر هاڻي حڪومت اهو به ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *