ٽينس اسٽار وڪٽوريا آذارينڪا ميامي اوپن جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

ميامي (اسپورٽس نيوز)ٽينس اسٽار وڪٽوريا آذارينڪا جي شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ هن انڊين ويلز کان پوءِ ميامي اوپن جو ٽائيٽل پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، اهڙي ريت هوءَ هڪ سال ۾ ٻئي ٽورنامينٽ کٽيندڙ دنيا جي ٽين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ بيلاروس جي وڪٽوريا روسي مخالف رانديگرياڻي کي اسٽريٽ سيٽ ۾ شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. سندس ڪاميابي جو اسڪور 3-6 ۽ 6-2 رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *