ٽيم ۾ جاءَ نه ملڻ تي هربجن سنگھه گلوڪاريءَ جي ميدان ۾ لهي پيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي اسپنر هربجن سنگھه ٽيم ۾ جاءَ نه ملڻ کان پوءِ گلوڪاريءَ جي ميدان ۾ اچڻ جوفيصلو ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي آف اسپنر هربجن سنگھه هاڻي اسان کي گلوڪاري ڪندي نظر ايندو جنهن گلوڪار ميٿون سان شروع ڪئي آهي، ان جو پهريون گانون هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ڪيو ويندو، هربجن ۽ ميٿون جو گانو هندي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳايو ويندو جيڪو هلندڙ سال ۾ رليز ڪيو ويندو، جڏهن ته ان کان اڳ هربجن گلوڪاريءَ لاءَ خاص وقت ڪڍندي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي. ميٿون موجب هربجن سان گڏ ڳايل گاني جي ويڊيو ڀارت جي مختلف علائقن ۾ شوت ٿيندي، جڏهن ته گانون انهن ماڻهن جي باري ۾ جيڪي ڀارت جا هيرو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *