ٽيم فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ شديد بحران جو شڪار آهي، وسيم اڪرم جي سرپرستي ۾ ڪئمپ لڳائڻو پيو: عاقب جاويد

لاهور (اين اين آءِ) دنيا جي بهترين فاسٽ بالرز لاءِ مشهور پاڪستاني ٽيم هن وقت فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ شديد بحران جو شڪار آهي نون فاسٽ بالرن کي تلاش ڪرڻ لاءِ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي نگراني هيٺ ڪئمپ لڳائڻو پيو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فاسٽ بالر عاقب جاويد هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سٺا فاسٽ بالر پيدا ڪرڻ لاءِ ماحول جو بهتر هجڻ ضروري آهي عاقب جاويد چيو ته ڪوچ طور تي مون اهو سکيو ته فاسٽ بالر لاءِ ٽي شيون انتهائي اهم آهن جنهن ۾ رفتار، جسامت ۽ غير معمولي صلاحيت سميت انفراديت ضروري آهي ۽ اها جديد ڪرڪيٽ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيريئر دوران ٽيم ۾ وقار يونس، وسيم اڪرم، عمران خان جي موجودگي ۾ منهنجي زندگي تمام مشڪل هئي مان ڄاڻان پيو ته مان واحد ماڻهو آهيان جنهن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *