ٽيم آف اسپنر سعيد اجمل جي ڪمي محسوس ڪري رهي آهي:وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي  ڪوچ ۽ اڳوڻي مايه ناز فاسٽ بالر وقار يونس چيو ته ٽيم آف اسپنر سعيد اجمل جي ڪمي محسوس ڪري رهي آهي. اجمل جو ڪيريئر پنهنجي نئين بائولنگ ايڪشن سان گڏ بنگلاديش خلاف سيريز دوران بحال ٿيو، پر  ان جي ڪارڪردگي متاثر ڪن نه رهي. ناقص ڪارڪردگي سبب  اجمل کي زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ ڏينهن واري ٿيندڙ ميچن  ۾ به ان جي شموليت جا گهٽ ئي امڪان آهن. زمبابوي کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ وقار يونس چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته مستقبل قريب ۾ هڪ ٻيو اجمل تلاش ڪري سگهون. ان ڪمي کي اسان محسوس ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *