ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر ٿيڻ جي خواهش ٽيم ۾ موجود آهي:مڪي آرٿر

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نمبر هڪ پوزيشن ملڻ هڪ وڏو  اعزاز  آهي، پر اسان ڪنهن خوش فهمي  جو شڪار ٿيڻ نٿا چاهيون. گذريل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم غير يقيني ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ٻئي ٽيسٽ ۾ هن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پوري طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين، جنهن کانپوءِ اسان کي آسٽريليا  جو سفر ڪرڻو آهي، جيڪا پنهنجي هوم ڪنڊيشنز ۾ ڪافي سخت ٽيم ثابت ٿيندي آهي. ان هوندي به نمبر هڪ ٽيم ٿيڻ جي خواهش رانديگرن ۾ موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ آرٿر چيو ته اسان ٽيم کي ايشيائي ڪنڊيشنز کان ٻاهر وڌ کان وڌ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، خاص طور تي فاسٽ وڪيٽن تي انهن جي شارٽ بالن خلاف خامين کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ۽ ان حوالي سان جلد بهتري جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *