ٽوئينڪل کنا جي ڪتاب جي مشهوريءَ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي: اڪشي ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي کلاڙي اڪشي ڪمار جو چوڻ آهي ته کيس سندس زال ٽوئينڪل کنا جي ڪتاب جي مشهوريءَ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اڪشي چيو ته هڪ هفتي اندر ٽوئينڪل کنا جي ڪتاب ”مسٽريس فني بونز“  کي بهترين موٽ ملڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. بالي ووڊ ذريعن موجب ٽوئينڪل کنا جي مشهور ڪالمن ”فني بونز“ کي ڪتابي صورت ۾ 18 آگسٽ تي لانچ ڪيو ويو هو. اڪشي ڪمار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويئٽر تي به ٽوئينڪل کنا جي ساراهه ڪئي، ياد رهي ته انڊسٽري ۾ اچڻ بعد اڪشي ۽ ٽوئينڪل کنا جي شادي ٿي هئي، جنهن کي لڳ ڀڳ 14 سال گذري ويا آهن، جڏهن ته کين ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *