ٽن سالن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ۽ موٽر وي رٿا مڪمل ٿي ويندي: وزير اعظم جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته انهن ٽن سالن دوران موٽروي پراجيڪٽ به مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته هاڻ ڪٿي 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هن پ پ ايم اين اي نواب وساڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ توانائي جو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته موٽر وي 1990ع ۾ ئي پورو ٿي وڃي، موٽر وي کي ڪراچي تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، اهو پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي ٺهي وڃي ها ته ڪيڏي نه سٺي ڳالهه هجي ها. وزيراعظم چيو ته سندس خواهش آهي ته گوادر کي نار جي ملڪن جيان فري پورٽ جو درجو ڏنو وڃي، وزيراعظم جي مختصر خطاب کانپوءِ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ شڪايت ڪئي ته نواز ليگ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ اسان به اهو سمجهي رهيا هئاسين ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪيڏي مهل به بٽڻ کولينداسين ته بجلي هلندي هوندي.اهڙي شڪايت تي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته لوڊشيڊنگ اتي ٿي رهي آهي، جتي ماڻهو بل نه ٿا پيارين. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف ڀارتي قيادت تي واضع ڪيو آهي ته پاڙيوارن ملڪن سان لاڳاپا پرامن چاهيو ن ٿا، ان ڪري ٻئي پاسي کان به اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي، اسان لاءِ قومي مفاد سڀ کان اهم آهي.پرڏيهي آفيس ۾ سفيرن جي ڪانفرنس  ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم  نوازشريف جو چوڻ هو ته پاڪستان صبر سان چيلينجز جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن گڏيل قومن  جي سلامتي ڪائونسل تي دٻاءُ وجهندي  چيو ته هو ڪشمير سان لاڳاپيل ٺاهه کي عمل ۾ اچڻ کي يقيني بڻائين. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ترقي ڏانهن وڌندڙ پاڪستان لاءِ دهشتگردي هڪ وڏو چئلينج آهي. آپريشن ضرب عضب ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ادارا مضبوط ٿي رهيا آهن،پاڪستان هڪ ڌار جاگرافيائي حيثيت رکي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي سگهه بڻجي اڀري رهيو آهي،اقتصادي لنگهه واري رٿا سان رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا کي فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، دهشتگردن کي پنهنجي ڌرتي جي زمين جو استعمال نه ڪرڻ ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *