ڳڙهي خيرو ويجهو شادي کان انڪار تان جوابدار نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

ڳڙهي خيرو(م.ڊ) ڳڙهي خيرو ويجهو مبينا طور شادي کان انڪار ڪرڻ تان جوابدار نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ڳوٺ عبدالغفار بروهي ۾ جوابدار يحيٰ بروهي پنهنجي مائٽ ڪلثوم ڌيءُ نياز محمد بروهي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو به مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان نياز ۽ مقتول ناري ڪلثوم پاڻ ۾ مائٽ آهن، نياز ڪلثوم سان شادي پيو چاهي، ناري پاران انڪار ڪرڻ تي نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي انتهائي قدم کنيو، پوليس ٻئي لاش اسپتال پهچائڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *