ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ رهزن گرفتار نه ٿيو، مڇريل ماڻهن سندس گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

ٽنڊو محمدخان (ڊ.ر) ٻه ڏينهن اڳ 40 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي ڪچو شراب پياريندڙ ملزم علي نواز پنهور خلاف ٽنڊومحمدخان جي ٿاڻي تي 40 کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي 302 جي سڌي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ضلعي ٽنڊي الهيار جي مختلف ڳوٺن ۽ ماتلي بدين سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر مک جوابدار جي اڃان تائين گرفتاري نه ٿي سگهي آهي. ٽنڊومحمدخان جي ڪريم آباد ڪالوني ۾ سندس رهائشگاهه ۽ مينهن جي واڙي کي نامعلوم هزارين ماڻهن باهه ڏئي گهرن کي مسمار ڪري ڇڏيو, سوين ماڻهن روڊن تي نڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اعليٰ  اختيارن ۽ وزير اعليٰ سنڌ ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان کان کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *