ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

ٽنڊوڄام (اسپورٽس نيوز) زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. وائيس چانسلر ڪوارٽر فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ اٺن ئي ٽيمن جي رانديگرن ۾ شرٽون ورهايون. ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ زرعي يونيورسٽي ۾ جاري انٽر فيڪلٽي ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ اٺن ئي ٽيمن جي رانديگرن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران شرٽون ورهايون. شرٽن ورهائڻ جي تقريب زرعي يونيورسٽي جي نيو جيمخانه ۾ ڪئي وئي. انهي موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي خطاب ڪندي چيو هو ته شاگردن ۾ راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ هر قسم جو سهولتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ شاگرد راندين ڏانهن راغب ٿين. هن چيو ته چيئمپين شپ جي افتتاحي تقريب ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ سڀني ٽيمن جي رانديگرن کي شرٽس جا تحفا ڏنا ويندا. جنهن تحت اڄ سڀني رانديگرن کي شرٽس ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته صحتمند سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ شاگردن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. تقريب کي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊين مقصود انور رستماڻي، نور محمد سومرو، صفر ميرجت، اعجاز کونهارو، اسماعيل ڪنڀر، شوڪت سانگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي طرف ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جا ڪوارٽر مقابلا شروع ٿي ويا آهن. چيمپيئن شپ جو پهرين ڪوارٽر فائنل فوڊ ٽيڪنالوجي جي فراز اليون ۽ سي پي ڊي جي لطيف راڄڙ اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ لطيف راڄڙ اليون جي ٽيم پهرين کيڏندي مقرر اوورن ۾ 56 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ فراز اليون 3 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر حدف حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جي ٻيو ڪوارٽر فائينل انجنيئرنگ فيڪلٽي جي حسين بلوچ اليون ۽ ڊي وي ايم جي آصف اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ آصف اليون پهرين بيٽنگ ڪندي 79 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ حسين بلوچ حدف جو پيڇو ڪندي 55 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي طرح آصف اليون 24 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جو ٽيون ڪوارٽر فائنل سي پي ڊي جي رميز ٽانوري اليون ۽ ڊي وي ايم جي صفدر اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. صفدر اليون پهرين بيٽنگ ڪندي رڳو 43 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ رميز ٽانوري جي ٽيم صفدر اليون جي شاندار بالنگ آڏو بيوس بڻجي وئي ۽ مقرر اوورن ۾ رڳو 42 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي طرح صفدر اليون دلچسپ مقابلي بعد ميچ 1 رنس تان کٽي ورتو. ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽنهي ٽيمن سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *