ٽنڊولڪر ۽ وارن نمائشي ٽي 20 ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) عظيم ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولر ۽ شين وارن جي وچ ۾ نمائشي ٽي 20 ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) ڇنڇر واري ڏينهن نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ آل اسٽارز سيريز 2015ع جي نالي سان کيڏيل سيريز ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪ مان وسيم اڪرم ۽ برائن لارا سميت درجني رٽائرڊ ڪرڪيٽرز به ايڪشن ۾ نظر ايندا. سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ٽيم بلاسٽر ۽ شين وارن جي واريرن جي اڳواڻي ڪندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ نمائشي ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ نمائشي ٽي 20 سيريز جي ٻي ميچ 11 نومبر تي هيوسٽن، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 14 نومبر تي لاس اينجلس ۾ کيڏي ويندي. نمائشي ٽي 20 سيريز ۾ حصو وٺندڙ پليئرز وسيم اڪرم، شعيب اختر، ثقلين مشتاق، معين خان، سنگاڪارا، مرلي ڌرن، جي ورڌني، لارا، ڪورٽي واش، ڪرٽلي ايمبروز، گريم سوان، مائيڪل وان، جيڪ ڪيلس، شان پولاڪ، لانس ڪلوزنر، جونٽي روڊز، ايلن ڊونڊ، شين وارن، رڪي پونٽنگ، سيٿيو هيڊن، گلين ميگراٿ، بريڊ هيڊن، سچن ٽنڊولڪر، سارو گنگولي، وي وي ايس لڪشن ۽ اجيت اگارڪر شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *