ٽمبر مارڪيٽ واقعو، سنڌ حڪومت پاران في متاثر هڪ لک روپيا امداد جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه واري واقعي سبب متاثر ۽ بي گهر ٿيندڙ هر هڪ ڪٽنب جي روز مره جي خرچن لاءِ هڪ لک رپيا امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت متاثر ن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ هر طرح سان  انهن جي واهر ڪندي. اهو فيصلو وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ  سطح جي اجلاس جي صدارت  ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڪچي آبادي جي وزير جاويد ناگوري، سي ايم ڪو آرڊينيٽر ناديا گبول، پرنسپل سيڪريٽري ٽو سي ايم، ڪمشنر ڪراچي شعيب صديقي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر صديقي، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت سميت وزير اعلي سنڌ جو ترجمان وقار مهدي، راشد رباني ۽ ٻيا به موجود هئا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه کي ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جي شڪايت  فائر اسٽيشن تي 1:10am  تي داخل ڪرائي وئي. موقعي تي ٻه فائر برگيڊ ٽينڊر موڪليا ويا ۽ بعد ۾ 28 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف هئا. جنهن کان پوءِ حڪومت جي درخواست تي ڪي پي ٽي، ڊي ايڇ اي ۽ پاڪستان نيوي جا فائر ٽينڊر پڻ واقعي واري جڳهه تي پهتا ۽ باهه تي ضا بظو آندو. بعد ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته وزير اعليٰ سنڌ متاثر خاندان جي  امداد جو اعلان ڪيو آهي. پر  نقصان جو تعين ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ حڪومت متاثرن جي واهر لاءِ فنڊ جاري ڪندي. ڪمشنر ڪراچي واقعي واري جڳهه تي 3:15 منٽن تي پهتو جنهن جي پويان ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي ۽ ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي  ۽ ميونسپل ڪمشنر به اتي پهتا. جڳهه جو جائزو وٺي علائقي جي بجلي ۽ گيس جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو ۽ نجي هائڊرينٽ مان فائر ٽينڊرن لاءِ پاڻي جو انتظام ڪيو ويو. ڪچي آبادي جي وزير جاويد ناگوري ٻڌايو ته اعليٰ سطحي اجلاس 4  بجي ڪوٺايو ويو. متاثر علائقن جي ننڍين گهٽين سبب آپريشن پٺي طرف کان ڪيو ويو. ناديا گبول ٻڌايو ته آئون متاثر علائقي جو ٻه ڀيرا معائنو ڪيو  آهي ۽ متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي. ايس ايس پي سائوٿ پوليس فورس سان گڏ پوري رات علائقي ۾ هئو جنهن جي ڪري پوري علائقي جو لا اينڊ آرڊر درست رهيو. وقار مهدي چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي.وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان نيوي، ڪي پي ٽي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪينٽونمينٽ جو شڪريه ادا ڪيو ۽ ڪچي آبادي جي وزير کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ متاثر علائقي جو دورو ڪري  ۽ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه فنانس جي وزير کي هدايت ڪئي ته فنڊ رليز ڪري ڪمشنر ڪراچي کي ڏنا وڃن ته جيئن هو متاثر خاندانن جي روز مره جي خرچن جي مد ۾ في خاندان هڪ لک رپيا ڏنا وڃن. اهي فنڊ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي پاران ويريفاءِ ڪري ماڻهن کي ڏنا وڃن. وزير اعليٰ سنڌ اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري ٽمبر مارڪيٽ جي متاثر خاندانن جي مالي سهائتا لاءِ چيو ۽ وزير اعليٰ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته انڪوائري کي حتمي شڪل ڏئي واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم ڪيو وڃي ۽ متاثر واپارين، خاندانن ۽ گهرن جي تعداد جو پتو لڳائڻ لاءِ پڻ وزير اعليٰ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *