ٽماٽر جي گهرج ۽ رسد ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان مان گهرائڻ جو فيصلو

لاهور (اين اين آءِ)  وفاقي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير سڪندر حيات بوسڻ چيو آهي ته ڀارت مان ڪنهن به صورت ۾ ٽماٽر نه گهرائينداسين، بلوچستان ۾ ٽماٽرن جو فصل تيار آهي ۽ جلد بحران ختم ٿي ويندو، محمد نواز شريف جو ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار آهي، ان جي ڏيهه واپس اچڻ سان سمورا افواهه ۽ مخالفن جون خواهشون مٽي ۾ دفن ٿي ويون آهن، ملڪ جي ترقي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي سخت محنت ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم فيڊرل فوڊ سيڪريٽري جي اداري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پلانٽ بريڊرز رائيٽس بل قومي اسيمبلي ۽ سنيٽ مان منظور ٿيڻ سان گڏ ان جا رولز به تيار ڪيا ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بايو ٽيڪنالاجي انفارميشن سينٽر ۽ فارمين گريچ ڪاليج جي تعاون سان بايو ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪوٺايل 3 ڏينهن واري ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته عوام پاران سياسي پارٽي کي ڏنل مينڊينٽ کي تسليم ۽ ان کي پورو ٿيڻ گهرجي، اسيمبليون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪنديون، وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو درست نه آهي، چونڊو مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اڄ جو ورڪشاپ هڪ سٺي ڪوشش آهي ۽ اهڙا ايونٽ تمام ضروري آهن جتي ننڍن هارين ۽ ملڪ جي پيداوار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، اهڙن ورڪشاپن جو انقاد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته بلوچستان ۾ بصرن ۽ ٽماٽرن جو فصل تيار ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ اهي سبزيون وڏي مقدار ۾ موجود هونديون، جڏهن ته عارضي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٽماٽر ڀارت کان نه گهرائينداسين، هن چيو ته ڏڪار کان بچڻ لاءِ ماحولياتي تبديلي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، زراعت جو شعبو ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ بهتري لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان کي مڪمل صنعت جو درجو ملي سگهي.  ٻئي طرف  ڪابينا جي سب ڪميٽي پرائيس ڪنٽرول جو اجلاس بصرن جي اگهه ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽماٽرجي گهرج ۽ رسد ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان مان ان جي درآمد وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ برآمد ڪندڙن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ وزيرن ۽ سينيئر آفيسرن جي ٽيم انهن سان ملاقات ڪندي، افغانستان ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخانن سان به رابطو ڪيو ويندو، اجلاس جي صدارت پنجاب جي چيف سيڪريٽري زاهد سعيد ڪئي، سب ڪميٽي نوٽ ڪيو ته بلوچستان جيڪو ٽماٽر جي ملڪ جي پيداوار جو وڏو حصو پيدا ڪري ٿو اتي غير توقع جي طور تي وائرس جي حملي سبب فصل تباهه ٿي ويو، سنڌ ۾ ٽماٽر جو فصل تيار آهي ۽ جلد مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، ڀارت مان ٽماٽر گهرائڻ جي پابندي برقرار رکڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان ۾ ٽماٽر جو فصل متاثر ٿيڻ جو سبب به ڀارتي ٽماٽر جو وائرس آهي، چيف سيڪريٽري چيو ته خوراڪ کاتي ۽ صنعت کاتي جي خاص ٽيم ڪي پي ڪي ۽ افغانستان وڃي ٽماٽر جي درآمد جي امڪانن جو جائزو وٺندي، خوراڪ واري وزير بلال ياسين چٽن لفظن ۾ چيو ته ڏکيائي جي باجود ڀارت کان بيمار ٽماٽر ڪڏهن به خريد نه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *