ٽماٽرن ۽ مٽرن جي اگهن کان اڻڄاڻ مهانگائي ڇا ڪنٽرول ڪندا: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاقي سرڪار کي غريبن جي ڪا به پرواهه ناهي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 9 سال کان وڌيڪ آهي اهي ماڻهو عوام جي ووٽن سان نه پر چور دروازن کان اقتدار ۾ آيا آهن ان حڪومت کي عوام جو احساس ناهي ۽ ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو انهن کي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن عوام جي چونڊيل وزيرن کي ٽماٽرن ۽ مٽرن جي اگهن جو علم ناهي اهي مهانگائي کي ڇا ڪنٽرول ڪندا. ان ملڪ ۾ ڪو فرد اهڙو ناهي جيڪو سڪون جي زندگي گزاري رهيو هجي. صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير جي تعريف ڪندي ناهي ٿڪندو پر اتان جو حال اهو آهي ته صوبي ۾ پنج آئي جي ۽ ڪيترائي سيڪريٽرين کي تبديل ڪيو ويو آهي ان لاءِ اسان چوندا آهيون جيستائين نااهل حڪمران اقتدار ۾ رهندا ملڪ ۾ بهتري نه ايندي. اطلاعات ۽ محنت واري وزير چيو ته خبر شايع ٿي آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين 83 سيڪڙو اسپتالن ۾ ناهي ۽ 1732 مرڪز اهڙا آهن جٿي اها ويڪسين ناهي جڏهن ته پي ٽي آئي سنڌ حڪومت کي چوندي آهي اسان ته هڪ هڪ ويڪسين جي تفصيل ٻڌائي چڪا آهيون ان مان اندازو ڪيو ته پنجاب ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي هن چيو ته وزيراعظم جي حلقي ميانوالي ۾ نانگ جي ڪکڻ سان ٻارڙي فوت ٿي وئي ۽ اتي ڪنهن کي به ويڪسين نه ملي ڇو ته ويڪسين جي کوٽ پوري پاڪستان ۾ آهي. هن چيو ته شماريات کاتي مطابق ملڪ ۾ گذريل 9 سالن جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن حڪومت کي عوام جو ڪو به احساس ناهي ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو نه اهل حڪمرانن جيڪري ڀوڳي رهيا آهن، جنهن حڪومت جي وزيرن کي ٽماٽرن ۽ مٽرن جي قيمت جي ڄاڻ ناهي اهي مهانگائي تي ڪهڙو ڪنٽرل ڪري سگهندا هن چيو ته ملڪ جو ڪو به اهڙو شهري ناهي جيڪو سڪون جي زندگي گزراي رهيو هجي. خرابي باوجود ڪا به تبديلي نه پئي اچي. ان هائوس تبديلي ذڪر آئين ۾ موجود آهي. سعيد غني چيو ته نالائقي ۽ نا اهلي وڏي پيماني تي ڏسڻ ۾ اچي پئي. قانون واري وزير، اٽارني جنرل، پاڪستان جي بهترين وڪيلن جي باوجود هڪڙو نوٽيفڪيشن به درست نموني ٺهي نه سگهيو. آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وارو فائيل عام اهميت نٿو رکي. ملڪ جو صدر جو اهو چوڻ ته ياد نه رهيو، اها غلط بياني آهي. سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ڪوڙ ڳالهيو ويو. ڏسڻو پوندو ته اها نالائقي آهي يا ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي هميشه عوام چونڊيو ۽ عمران خان کي جن سليڪٽ ڪيو انهن سڀني کي خبر آهي ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم لاءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل هوندي آهي حڪومت سنجيده هجي ها ته ڳالهه ٻولهه ڪري ها پر ان معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هن چيو ته پيپلزپارٽي کي آسان گرنهه نه سمجهيو وڃي، جيڪڏهن ترميم ڪرائڻي آهي ته سنجيده ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ زيادتيون بند ٿيڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *