ٽرين مارچ ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهو شامل آهن، بلاول ابو بچايو نه پر ابو مارايو مارچ تي نڪتل آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ٽرن مارچ ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ وارا ماڻهو شامل آهن، ٽرين ۾ 714 سيٽون ڏنيون ويون اهي به پوريون ناهن.  تفصيل موجب ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول جي اها تحريڪ ابو بچايو نه پر ابو مارايو تحريڪ آهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو اثر مان نڪري آيو ته سياست ڪري سگهندو، اسان ريل گاڏي جي ڪرائي جي مد ۾ 10 لک 44 هزار رپيا ورتا آهن.  ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ريلوي اختيارين ايترا ئي پئسا ورتا آهن جيترا ٿين پيا، وڌيڪ ناهن ورتا، جيڪڏهن ٽرين کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي ڌار رقم وٺنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *